فرانس اندر مئي 1968 واري بغاوت ۽ شاگردن ۾ ان جو ڪردار

 Students played a key role.

انقلاب جي هڪڙي وصف هيءَ به آهي ته انقلاب سماج جي هڪ اهڙي صورت کي چئجي ٿو جنهن ۾ عام مرده دل مرد ۽ زائفون سماج جي روح کي بدلائڻ لاءِ زنده ٿي سماج ۾ پنهنجو پورو پورهيو ڏين ۽ پنهنجي سگھه کي سُڃاڻيي سماج جون واڳون پنهنجن هٿن ۾ سنڀالين. مئي 1968 جي فرانس ۾ برابر اهو ئي ٿيو هو.

مئي 1968 واريون عام هڙتالون فرانس جي تاريخ جون يادگار هڙتالون آهن. ان وقت، اڄ جيان ئي، جڏهن بورجوازي ۽ انهن جا ڇاڙتا هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏئي رهيا هيا ته هاڻي انقلابَ ۽ طبقاتي جدوجهدون ماضي جا قصا ٿيا، تڏهن هنن هڙتالن حڪمرانن کي اوچتو اچي سوڙهو ڪيو هو.

هڙتالن جي شروعات يونيورسٽين جي نصاب ۽ شاگردن جي ننڍن مسئلن کان ٿي جنهن ۾ هڪڙو مسئلو هاسٽلن تي شاگردن لاءِ غير ضروري سختي جو هو. جنوري 1968 کان هاسٽل جي مسئلي تي احتجاج ٿيندا ٿي آيا. مارچ 1968 ۾ آمريڪن ايڪسپريس جي پيرس واري آفيس تي حملو ٿيو، جنهن جو الزام شاگردن مٿان مڙهيو ويو ۽ کين  وڏي انگ ۾ گرفتار ڪيو ويو. ڪجھ ڏينهن پوءِ گرفتار ٿيل شاگردن جي لاءِ نينتيئر ڪيمپس (جيڪو ان وقت سوربون يونيورسٽي جو ئي ڪيمپس هو ۽ پيرس شهر جي ٻهراڙي ۾ هو) ۾ هڙتال ڪئي ته وڌيڪ شاگرد گرفتار ڪيا ويا. جنهن جي خلاف هڪڙي ننڍڙي تحريڪ 22 مارچ جي نالي سان شروع ڪئي وئي. جنهن جي گُھر هئي ته گرفتار ڪيل شاگردن کي آزاد ڪيو وڃي. مئي جي شروعات ۾ نينتيئر ڪيمپس کي بند ڪيو ويو ته جيئن شاگرد تحريڪ مان ئي هٿ کڻي وڃن. پر شاگرد پنهنجي دانهن کڻي سوربون يونيورسٽي پهتا. 3 مئي تي سوربون يونيورسٽي جي اندر وڏي تعداد ۾ شاگرد جمع ٿيا، جن کي اتان هٽائڻ لاءِ پوليس ۽ اسپيشل فورس کي گھرايو ويو. ڀرپاسي ۾ بيٺل شاگردن گرفتاريون ڏسي پوليس تي پٿراءُ شروع ڪيو ۽ پوليس وري جواب ۾ آنسو گيس سان حملو ڪيو ۽ اهڙي طرح 1968ع جا مشهور وڳوڙ شروع ٿيا جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ۽ 600 جي لڳ ڀڳ گرفتار ڪيا ويا.

شاگردن جي هڙتالن کان ڊڄندي سوربون يونيورسٽي جي ريڪٽر (ناظمِ اعلي) يونيورسٽي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.(700 سالن ۾ اِهو ٻيون دفعو هو جو سوربون يونيورسٽي بند ڪئي وڃي، پهريون ڀيرو نازين جي پيرس تي قبضي وقت 1940 ۾ بند ڪئي وئي هئي(. ٻئي ڏينهن سوربون يونيورسٽي جا ڪلاس معطل ڪيا ويا ۽ ان جي جواب ۾ شاگردن جي وڏين تنظيمن UNEF ۽ SNESUP اڻ اعلانيل مدي تائين هڙتال جو سڏ ڏنو ۽ شاگردن جا وڏا ميڙاڪا پيرس جي علائقي ليٽن ڪوارٽر (سوربون يونيورسٽي ليٽن ڪوارٽر ۾ آهي) ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. شاگرد اڳواڻن جا مطالبا هئا ته سوربون يونيورسٽي کي کولي، سڀني گرفتار شاگردن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ليٽن ڪوارٽر مان پوليس جي موجودگي کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.

ڇهه مئي تي شاگردن ۽ پوليس وچ ۾ هڪڙي ٻي وڏي جھڙپ ٿي، جنهن ۾ ڇهه سئو  جي لڳ ڀڳ شاگرد زخمي ٿيا ۽ ساڍا ٽي سئو پوليس وارا زخمي ٿيا، جڏهن ته چار سئو کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. شاگردن تي جيترو زور وڌو ٿي ويو هو ته هو پنهنجي تحريڪ تان هٿ کڻن، پر شاگردن تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪندا ويا. مڇريل شاگردن پوليس سان جهڙپن جو پراڻو فرانسيسي طريقو اپنائيندي فرش مان سرون پٽي پنهنجي لاءِ بچاءَ به ٺاهيو ۽ اهي ئي سرون پوليس تي به ٿي اڇلايون. ليٽن ڪوراٽر ۾ شاگردن سان ٿيندڙ ظلم خلاف سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ فرانس جي سڀني يونيورسٽين شاگردن جي حمايت ڪئي.

ڪميونيسٽ پارٽي آف فرانس جي ان وقت جي جنرل سيڪريٽري والديڪ روچت پنهنجي هڪ تقرير ۾ فرانس جي سماجي حالتن ۽ هڙتالن بابت چيو هو ته ‘’اسان جي تعليم پراڻي زماني جي آهي جنهن ۾ ڪي به سڌارا نه آندا ويا آهن. شاگرد ۽ استاد هن وقت جديد تعليمي نطام لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. مزدور طبقو، جنهن جي صرف 10 سيڪڙو ٻارن کي يونيورسٽي تائين رسائي آهي، شاگردن جي جدوجهد کي جائز سمجھي ٿو ۽ انهن سان گڏ آهي’’.

اٺ مئي 1968 تي انسٽيٽوٽ آف پبلڪ اوپينين، فرانس طرفان اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته ڪيترا ماڻهو شاگردن جي هڙتالن کي جائز ٿا سمجھن، ان لاءِ هڪڙي سروي ڪرائي وئي. سڄي فرانس ۾ پول جا نتيجا آيا ته هر 5 مان 4 ماڻهو شاگردن جي هڙتالن کي جائز سمجھي رهيا هئا. پوري ملڪ جي ديوارن تي آدرشي نعرا پڻ لکيا ويا. جيئن ”حقيقت پسنداڻا ٿيو، ناممڪن جي گھُر ڪيو.“ ”خوشي اِها آهي ته سڀني زميندارن کي ڦاسي تي لٽڪائي ڇڏيو.“ ”مئل وقت کانسواءِ زنده رهو.“ ”بوريت غير انقلابي عمل آهي.“ ”منع ڪرڻ منع آهي.“

 

xxParis68May-slide-FZN0-superJumbo.jpg

ڏهه مئي واري رات شاگرد پٿر گڏ ڪري رهيا آهن ته جيئن پوليس گردي کي منهن ڏئي سگھجي. تصوير

 

ڏهه مئي جي رات تائين احتجاج ڪندڙن جو انگ وڌي حيراني طور 40 هزار ٿي ويو. احتجاج ڪندڙن جي رستا روڪ ڪرڻ تي وري جھڙپون شروع ٿيون ۽ پوليس شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪري ڏني، ۽ شاگردن وري پنهنجا هٿيار، فٽ پاٿ تي لڳل پٿر، کڻي جوابي حملو ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ بچاءُ به ٿي ٺاهيو. جهڙپن ۾ 367 ماڻهو زخمي ٿيا، جنهن ۾ 250 پوليس وارا هئا. 450کان وڌيڪ وري گرفتاريون ٿيون، ان واقعي کانپوءِ شاگردن لاءِ سماج ۾ همدرديون اڃا وڌي ويون.

ان وقت جي فرانسيسي وزيرِ اعظم، جورج پمپيڊو، ان ڏينهن ئي سوربون يونيوسٽي کولڻ جو اعلان ڪيو پر ان وقت گھڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ صرف يونيورسٽي کولڻ سان شاگرد خاموش ٿيڻ وارا نه هئا.

paris68-1.jpg

شاگردن سان يڪجهتي ڏيکارڻ لاءِ11 مئي تي فرانس جي سڀني وڏين يونينن گڏجاڻي ڪوٺائي ۽ 13 مئي تي عام هڙتال جو سڏ ڏنو. 13 مئي تي ٿيندڙ هڙتال ۾ 2 لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. 13 مئي واري هڙتال ۾ تقريبن هر فيڪٽري ۽ هر شعبي جا مزدور ۽ ملازم شامل هئا. ريلويز جا مزدور ۽ ملازم، ڊاڪٽر، ٽپالي، وڪيل، صفائي ڪندڙ عملو، بينڪ ملازم، عمارتون تعمير ڪندڙ پورهيت، گلاس ۽ ڪيميڪل فيڪٽرين جا مزدور، پينٽرَ، گيس ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور، فلم اسٽوڊيو آپريٽرَ، بسن جا ڪنڊڪٽرَ ۽ ڊرائيورَ، پلاسٽڪ اندسٽري جا مزدورَ ۽ ٻين شعبن جا ملازم ۽ مزدور پڻ هن هڙتال ۾ شامل هئا.

xxParis68May-slide-1ZK4-superJumbo.jpg

پورهيت شروع ۾ ته صرف شاگردن سان يڪجھتي ڏيکارڻ لاءِ ئي بيٺا هئا پر جڏهن هنن ڏٺو ته هڙتالَ هڪ قسم جي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي ته هنن به پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏني. 14 مئي تي، وڏين هڙتالن کان صرف هڪڙو ڏينهن پوءِ ئي مزدورن فرانس جي ٻن وڏين فيڪٽرين تي قبضو ڪري ورتو. پهرين فيڪٽري نينٽس شهر جي سَڊ ايوي ايشن ڪمپني جي هئي ۽ ٻي گاڏين ٺاهڻ واري فرانس جي وڏي ڪمپني رينولٽ جيڪا وري فرانس جي درياءَ سين تي ئي آباد شهر روئن ۾ آهي. هنن ٻن فيڪٽرين تي قبضو ته صرف شروعات هئي. ان کانپوءِ رينولٽ جي فلينس شهر واري  فيڪٽري تي پڻ مزدورن قبضو ڪري ورتو. ان سان گڏ فرانس جي ٻين شهرن ۾ پڻ مزدورن مختلف فيڪٽرين تي قبضو ڪيو. 18 مئي تائين مزدورن ڪوئلي جي کاڻين ۾ به ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو، پيرس ۽ ٻين وڏن شهرن جي ٽرانسپورٽ به بند ٿي وئي. ان کانپوءِ قومي ريل، هوائي جهاز، سامونڊي ٻيڙا، گيس ۽ بجلي جا مزدور(پر هنن مزدورن گهرو صارفين جي لاءِ گيس ۽ بجلي نه بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ته جيئن عام شهري کي ڏکيائي نه ٿئي)، ٽپال سروس ۽ آخر ۾ انگلينڊ ۽ فرانس جي وچ ۾ هلندڙ سامونڊي ٻيڙين جي ملازمن به احتجاجن پنهنجي ڪم جو بائڪاٽ ڪيو.

French Communist Leader Georges Marcchais addressing Renault Workers on strike.jpg

 رينولٽ ڪمپني ۾ قبضو ڪندڙ مزدور ٽريڊ يونين جي اڳواڻ جو خطاب ٻڌندي. تصوير

پيٽرول سپلائيز ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن نينٽس شهر ۾ پيٽرول ٽينڪرس جي داخلا پڻ بند ڪري ڇڏي ۽ صرف انهن ٽينڪرن کي پيٽرول ٿي ڏنو جنهن وٽ هڙتال ڪميٽي جي رسيد هئي. شهر جي پيٽرول پمپن تي ناڪا ٺاهي ان ڳالهه جي خاطري ڪئي ٿي وئي ته صرف ڊاڪٽرن کي ئي پيٽرول ڏنو وڃي. هاري تنظيمن سان رابطو ڪري کاڌ خوراڪ جي نه صرف آمد کي يقيني بڻايو ويو پر سرمائيدارن جي روش جي ابتڙ قيمتن ۾ به لاٿ ڪئي وئي. دڪانن تي قيمتون يونين جي طئي ڪيل قيمتن کان وڌيڪ نه هجن، ان لاءِ دڪان مسلسل يونينن جي نظرداري هيٺ رهندا هئا. مثال طور کير جي عام قيمت هئي 80 سينٽائيمس هئي پر يونين جو طئي ٿيل اگهه 50 سينٽائيمس هيو ۽ ائين ئي ٻين شين جا اگهه به لاٿا ويا هئا.

شاگرد، استاد، هاري، سائنسدان، فٽبال جا رانديگر، ايسيتائين جو فوليس برگر تي ڪم ڪندڙ ناريون به جدوجهد ۾ ڪاهي پيون هيون، مطلب ته ڪو اهڙو شعبو نه هو جنهن جا ملازم مئي جدوجهد ۾ پنهنجو پورهيو ۽ سگهه نه وڌي.  پيرس ۾ شاگردن سوربون يونيورسٽي تي قبضو ڪيو، ۽ هوڏانهن پيرس جي هڪ تمام وڏي ٿيٽر تي 2500 جي لڳ ڀڳ شاگردن قبضو ڪيو ۽ اسڪول جي شاگردن اسڪولن تي قبضا ڪيا.

xxParis68May-slide-CAXM-superJumbo.jpg

سيڪلي شهر ۾ موجود نيوڪليئر ريسرچ سينٽر ۾ به هڙتالن جا اثر پهتا ۽ اتي به هڙتال ٿي. ايتري تائين جو پيرس جي علائقي ليٽن ڪوراٽر ۾ نوجوان پادرين هڪڙي چرچ تي قبضو ڪيو ۽ مطالبو رکيو ته هڙتال ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ساڻن ڳالهين کان بغير مٿن فتوا جاري نه ڪئي وڃي.

پيرس جي گھٽين ۾ وڳوڙ جاري رهيا. هڪ رات ۾ شاگرد ۽ مزدورن مٿان 800 جي لڳ ڀڳ آنسو گيس جا گولا اڇلايا ويا ۽ لاٺي چارج ڪئي وئي. 450 کان وڌيڪ مظاهرو ڪندڙ زخمي ٿيا. احتجاج ڪندڙن پيرس اسٽاڪ ايڪسچينج، جيڪا سرمائيدار نظام جي نشاني آهي، کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي. لِيون شهر ۾ وڳوڙن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس ڪمشنر به مارجي ويو. جيئن ته اسڪول بند هئا شاگردن ۽ استادن گڏجي هڙتال ڪندڙن جي ٻارن لاءِ عارضي آرام  گھر قائم ڪيا، ۽ پلي گروپس ٺاهيا ويا. هڙتال ڪندڙن جي زالن جي ڪميٽي جي ذمي سڀ کان پهريون ڪم هيو ته هو هڙتال ڪندڙن لاءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪنديون رهن.

مئي واري بغاوتن/هڙتالن جي تجزيي ۾ ايلن وڊز لکي ٿو ته ”ٻي عالمي جنگ کانپوءِ پهريون دفعو وري سرمائيدارن فرانس اندر سيڙپڪاري شروع ڪئي هئي ۽ وڏي پيماني تي اندسٽري لڳائي. ان سان گڏ اها ڳالهه به ذهن نشين هئڻ گھرجي ته 1871ع واري پيرس ڪميون کانپوءِ فرانسيسي سرمائيدارَ ڊنل رهندا هيا ۽ سندن اها ڪوشش هوندي هئي ته فرانس اندر وڏي پيماني تي فيڪٽريون لڳائي سيڙپڪاري نه ڪئي وڃي.  1939ع تائين فرانس جي وڏي ۾ وڏي فيڪٽري ۾ به 100 کان وڌيڪ مزدور نه هوندا هئا. پر ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڌڙا ڌڙ فيڪٽريون لڳيون ۽ وڏي انگ ۾ مزدور به انهن ۾ ڪم ڪرڻ لڳا.

ڪولن بارڪر، برطانوي سوشلسٽ ليکڪ، پنهنجي ڪتاب Revolutionary Rehearsals  ۾ مئي واري احتجاج لاءِ لکيو ته ”جديد سرمائيدار سماج جو گوشت ۽ رت، هڪ نه کُٽندڙ ماڻهن جو انبوهه، جيڪو چاهي هان ته هر شيءِ هن جي اڳيان آسان هئي(سرمائيداري حڪومت کي اڇلائي سوشلسٽ حڪومت قائم ڪرڻ هن جي اڳيان آسان هئي)، بس جيڪڏهن هو فيصلو ڪري وٺي ها.“

(Revolutionary Rehearsals by Colin Barker p.12) برطانوي صحافي پنهنجي ڪتاب Sixty-Eight, the Year of the Barricades ۾ هنن واقعن جي باري ۾ لکيو آهي ته ” قبضن جي بخار عقليت کي وڪوڙي وڌو هو. ڊاڪٽر اسپتالن کي گھيرو ڪري رهيا هئا، اداڪار ٿيٽرن تي قبضو ڪري رهيا هئا ته  ليکڪ اديبن جي سوسائيٽي تي قبضا ڪري رهيا هئا، ايتري تائين جو واپارين پنهنجي شعبي جي ادارن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا’’.

xxParis68May-slide-QOZD-superJumbo.jpg

اهڙي صورتحال ۾ ملڪي معشيت ٺپ ٿي وئي هئي ۽ قدامت پرست صدر چارلس ڊي گال عارضي طور ملڪ مان ڀڄي ويو هو. تنهن هوندي به ملازمن ۽ مزدورن جن فيڪٽرين تي قبضو ڪيو هو انهن کي وري کولي پاڻ هلائڻ جي همت ڪونه ڪئي ۽ جون 1968 ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾  ڊي گال وري صدر ٿي واپس وريو.

فرانس جي ان وقت جي وزيراعظم پومپي جون ٽريڊ يونين اڳواڻن سان ڳالهين ٿيون ۽ هو هڙتال ڪندڙن کي هر قسم جون مراعاتون ڏيڻ لاءِ تيار هو. سو تعليمي وزير جي استعيفا، بنيادي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو واڌ، ڪم واري جڳهه جو حالتون بهتر ڪرڻ ۽ سوشل سڪيورٽي وغيره جي گھر ڪئي وئي. ٽريڊ يونين ليڊرن ڊيل تي صحيع ڪرڻ کان پوءِ به ان ڳالهه تي بضد هئا ته ٺاهه تي سڀني يونين ميمبرن جو راضي ٿيڻ ضروري آهي. پر جڏهن سي جي ٽي ٽريڊ يونين اڳواڻ، جورج سيگي اُنهي ڊيل جا پنا کڻي پيرس جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ موجود رينالٽ ڪمپني جي 12 هزار مزدورن ۽ ملازمن وٽ ويو ته اتي ان ٺاهه جي تمام گھڻي مذمت ٿي کيس چيو ويو ته هو سندن جدوجهد کي تمام ٿورڙي اگھه ۾ وڪڻي ڇڏيو آهي. پر ڪجهه اڳواڻن جي نظر ۾ اها وڏي ڪاميابي هئي. ڇو جو پوري ملڪ جي جدوجهد ڪنهن هڪ رخ ۾ نه هئي ۽ کاٻي ڌر جي مختلف ڌڙن ان جدوجهد ۾ پنهنجو پورهيو ڏنو هو ۽ وري موري بڪچن واري ڳالهه وانگر ته مزدورن کي قبضي ڪرڻ جو هنر ته هيو، پر هنن کي اها سمجھه نه هئي ته ڪو هو پاڻ به فيڪٽريون هلائي سگھن ٿا ۽ وري مٿان آزاد هڙتالن جو آخري نتيجو مڙئي اڻويهه ويهه فرق سان ائين ئي نڪرندو آهي. پر سڀني کان وڏي ڪاميابي اها هئي ته شاگردن ۽ مزدورن کي پنهنجي جدوجهد تي يقين ٿي ويو هو. شاگردن جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ جنهن نقطه تان هڙتالون شروع ٿيون هيون ته تعليمي سڌارا آندا وڃن، سي به آندا ويا.

ڪائنرن وانگر ملڪ مان ڀـڄي ويل فرانسيسي صدر چارلس ڊي گئول 30 مئي تي بادينبادين، جرمني جي شهر(جٿي ان وقت فرانس جي فوج به مقرر ٿيل  هئي) مان فرانس واپس آيو ۽ ايندي ئي ريڊيو تي خطاب ڪندي 23 جون تي نئين چونڊن جو اعلان ڪيائين. ان سان گڏ هن اهو اشارو به ڏنو ته جيڪڏهن ملڪ جون حالتون بهتر نه ٿيون ته فوج گھرائي ويندي. ان اعلان باوجود به ڪجهه شاگرد تنظيمون هڙتال ڪنديون رهيون، پر انهن جي هڙتالن ۾ نه ته پهريان واري جان هئي نه ئي اهي تعداد ۾ گھڻا هئا. اليڪشن جون جي آخر ۾ ٿي  ۽ چارلس ڊي گال جي پارٽي وري کٽي  آئي. پر 10 مهينن کانپوءِ سينيٽ ريفارم ڪرائڻ لاءِ قومي سطح تي ريفرينڊم ڪرايو ۽ انهيءَ ريفرينڊم ڊي گال جي سياسي زندگيءَ کي  ختم ڪري ڇڏيو.

هڪڙيون تحريڪون ٻين تحريڪن کي جنم به ڏينديون آهن. فرانس ۾ سيمون دي بووا جو فيمنزم تي ڪتاب ”دي سيڪنڊ سيڪس“ 1949 ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو هو ۽ ان ڪتاب تي فرانسيسي سماج ۾ وڏا بحث به ٿيا هئا پر پوءِ به اتان جي پدرشاهي نظام کي ڪو وڏو چوکو ڌڪ ڪونه رسيو هو. مئي 1968 جي هڙتالن ۾ فرانس جون ناريون به برابر شامل هيون پر هنن کي اڳواڻيءَ وارو ڪردار نه هو. مئي وارين هڙتالن ۾ موجود ٽن نارين اها ڳالهه بخوبي محسوس ڪئي ۽ اڳين ڪجهه مهينن ۾ انهن ئي نارين هڪ ٻي تحريڪ شروع ڪئي جنهن کي  ”فرينچ وومينس لبريشن موومينٽ“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

xxParis68May-slide-SK15-superJumbo.jpg

مئي 1968ع ڪيتريون ئي ڪافي فلميون ٺهيون آهن جنهن ۾ سڄي جو سڄي فلم 1968 تي ته ناهي پر 1968 جا ڪجھ واقعا ضرور ڏيکاريا ويا آهن. انهن مان ٽن جا نالا هيٺ ڏنل آهن ته جيئن پڙهندڙ اهي فلمون ڏسي مئي واقعن کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ سمجھي سگهن. جيئن فلمن ۾ مختلف نقطه نظر جا ڪردار ڏيکاريل آهن، ايئن ئي 1968 جي هڙتالن ۾ موجود عوام به مختلف نقطه نظر رکندڙ هو.

  1. Something in the Air (Original French Name: Apres May meaning After May)
  2. Born in 68
  3. The Dreamers